سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو زخمي پٽ سميت بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام ڀٽو جي رهواسي پورهيت پنهنجي زخمي پٽ سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت نثار احمد ڀٽو زخمي پٽ سلمان ڀٽو کي هنج ۾ کڻي دانهيندي چيو ته غلام ڀٽو جي رهواسي بااثر حسين بخش ڀٽو، جاويد ڀٽو، قمر ڀٽو، صدر ڀٽو ۽ ٻيش در تي اچي 12 ورهين جي پٽ سلمان تي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري ويا آهن. بااثرن ڪجهه سال اڳ 48 جريب زمين تي قبضو ڪندي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾7 ورهين جي معصوم پٽ افسار عرف رسول بخش ۽ ڏاڏي گل محمد ڀٽو کي قتل ڪيو هو، جن واقعن جا ڪيس عاقل ايٽ پير شير ٿاڻي تي جوابدارن خلاف داخل آهن. هن وقت به اسان جي زمين تي بااثرن جو قبضو برقرار آهي، جيڪو اسان مٿان بيگناهه ظلم ڪري رهيا آهن. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button