سنڌ

نوان جتوئي ۾ اين پي پي جو پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

نوان جتوئي ۾ اين پي پي ڪارڪنن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي پير امام بخش عابدي، محمد ايوب، علي بخش خاصخيلي، ستار خاصخيلي، رفيق عالماڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته نوان جتوئي پوليس اين پي پي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رھي آھي، جن جي گھرن تي روزانو چڙھايون ڪري چادر چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪري ونگار وھي رھي آھي. ھنن چيو ته ايس ايڇ او نوان جتوئي ھاڻي انتقامي ڪارروايون ڪري اسان جي غريب مسڪين پورھيت طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻھن کي ھيسائي ڌمڪائي رهيو آهي، جيڪو عمل ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو. ھنن مطالبو ڪيو ته عوام دشمن ايس ايڇ او نوان جتوئي کي ھٽائي عوام دوست ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج شروع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button