سنڌ

11 سالن جي ڌيءَ کي اغوا ڪري زوري نڪاح ڪيو ويو: ٺري ميرواھ واسي

ٺري ميرواھه جي حسيني پاڙي جي رهواسڻ زرينا پنهنجي معصوم نياڻي ناهيد جي بازيابي لاءِ پنهنجي مڙس جمال الدين ۽ پٽ محمد علي راڄڙ سان گڏ سيٺارجا پهچي احتجاج ڪيو. هن دانهيو ته گذريل مهيني جي 27 تاريخ تي مخالفن عبداللطيف راڄڙ، اعظم راڄڙ، عباس دستي، ظهير دستي وارن رات جو اسان جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي منهنجي 11 سالن جي نياڻي ناهيد کي کنڀي کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد زبردستي عبداللطيف راڄڙ نڪاح ڪري نينگري سان زيادتي ڪئي آهي، اهڙو اطلاع ميرواهه پوليس کي ڏنو، ٺري ميرواهه پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، انهن سان ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ اسان کي تنگ ۽ پريشان ڪري رهي آهي پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري. هن چيو ته معصوم نياڻي جي عمر 11 سال آهي ۽ ان باوجود نياڻي سان زبردستي هٿيارن جي زور تي نڪاح ڪيو ويو آهي، واقعي جو ٺري ميرواهه جي عدالت ۾ پڻ ڪيس داخل ڪرايو آهي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري الٽو اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته توهان جي ٻي به ناري کي کڻنداسين، خاموش ٿي ويهي رهو نه ته سخت نتيجا ڀوڳيندا. هنن گهر ڪئي ته معاملي جي انڪوائري ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي واپس ڪرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button