سنڌ

ڪنڌرا ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ 6 ورهين جو نينگر فوت

روهڙي جي علائقي ڪنڌرا ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ 6 سالن جو ٻار فوت ٿي ويو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. خبر موجب روهڙي جي علائقي ڪنڌرا ۾ انور پور ڌاريجا جو رھواسي 6 سالن جو احمد رضا ڌاريجو پٽ محمد يوسف ڌاريجو ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. ڪنڌرا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ۽ معصوم ٻار جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. فوتي ٻار جو لاش گھر نيو ويو ته ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button