
قبوسعيد خان ويجهو شاهه وسايو واري علائقي ۾ تيز رفتار ويگن جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي مسڻ پاڙي واسي علي اصغر پٽ نياز احمد چنو سندس گهرواري فريده خاتون ۽ ڀيڻ فاطمه چنا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پورهيت علي اصغر چنو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.