پاڪستانسنڌ

سامونڊي پٽي جي بچا لا سنڌ ڪوسٽل رزيلينس پراجيڪٽ شروع

ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ سنڌ جي سامونڊي پٽي کي خطرن کان بچاءُ لاءِ سنڌ ڪوسٽل رزيلينس پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد اسد ظفر جي اڳواڻي ۾ سيڊا جي عملدارن سان سيڊا سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي وفد چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جي بچا لاءِ ايشين ڊولپمنٽ بئنڪ اٽڪل سوا سئو ملين ڊالرس مخصوص ڪيا آهن، جنهن جي تياري لاءِ سنڌ جي آبپاشي کاتي، سيڊا، سيڪريٽري اريگيشن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان صلاحون ڪيون پيون وڃن ته ان ۾ ڪهڙيون اسڪيمون شامل ڪيون وڃن جيڪي مستقبل ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي توڙي اتي جي رهواسين کي پيش ايندڙ خطرن کي گهٽ يا ختم ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button