سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ۾ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي، اڳواڻن افغانين سميت سمورن ڌارين جي فوري نيڪالي جو مطالبو ڪندي سڄي سنڌ ۾ ريلين جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي ڪارڪنن مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سٽي باءِ پاس کان ريلي ڪڍي، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا، بشير خان قريشي جا پوٽريٽ ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ اهي ڌارين جي آبادڪاري خلاف نعرا لڳائي رهيا هئا. ريلي ملٽري روڊ، آدم شاهه ڪلهوڙو روڊ، پوليس لائين، شڪارپور روڊ کان ٿيندي گهنٽا گهر پهتي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڌارين جون لوڌون آباد ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي واضح حڪم باوجود حڪمران ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته اسان پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڌارين جي نيڪالي جي گهر ڪنداسين. ڌارين آبادڪاري سنڌ تي معاشي بار ۽ سنڌ جي ثقافت تي وار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close