سنڌ

رتوديرو ۾ مڙس گوليون هڻي ڳورهاري زال قتل ڪري ڇڏي

رتوديرو ۾ مڙس گهرو اڻبڻت تان مبينا طور گوليون هڻي ڳورهاري زال کي قتل ڪري ڇڏيو. رتوديرو جي جکرا پاڙي جي رهواسي ربنواز عمراڻي گهرو اڻبڻت تان مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي 28 ورهين جي ڳورهاري زال سونيا خاتون کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي زخمي عورت کي کڻائي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي رتوديرو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته فوتي عورت سونيا خاتون زخمي حالت ۾ اسان کي بيان ڏنو هو ته مونکي پنهنجي مڙس ربنواز عمراڻي بيگناهه گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجي پيٽ ۾ ٻار پڻ آهي، جنهن کانپوءِ زخمي عورت اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. پوليس جو چوڻ هو ته مقتولا عورت جي عمر اٽڪل 28 کان 30 سال آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. عورت جي وارثن مطابق واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button