سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو ناٺي ۽ سندس سئوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ لڳ رائيس ڪئنال جي ڪڙ واري علائقي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي بااثر ڄاٽي ۽ سندس مائٽن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت سجاد جوڻيجو گهرواري ڀاشل خاتون، ڌيءُ عذره ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 4 سال اڳ مان نياڻي عذرا جي شادي سينگار شيخ سان ڪرائي. هن الزام لڳايو ته ڌي عذرا جي شادي بعد سندس مڙس سينگار 3 سالن کان اسان سان گڏ رهندو هو، خرچ گهرڻ تي نياڻي مٿان تشدد ڪندو هو. 3 مهينا اڳ ڄاٽو نياڻي کي ڇڏي گهران نڪري ويو. هن چيو ته 6 مهينا اڳ مان ٻي نياڻي ناديه جو سڱ ڄاٽي سينگار جي سئوٽ ممتاز شيخ جي پٽ کي ڏنو، جنهن ٻنهي سئوٽن ملي جيئڻ جنجال بڻايو آهي. گذريل ڏينهن ڄاٽي سينگار سول ڪپڙا پهريل 6 اهلڪارن سان گهر تي ڪاهھ ڪري نياڻي کي گارگند ڪئي، پاڙيوارن جي اچڻ بعد هو واپس هليو ويو، هن وقت ڄاٽو ۽ سندس سئوٽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڄاٽي ۽ سندس سئوٽ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button