سنڌ

بهادرپور اسڪول بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف احتجاج

بهادرپور ها اسڪول بلڊنگ جي ٻيهر تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل ۽ پراڻن ٽٽل سرن سميت سرين ۽ استعال شده ناڪاره گارڊرن جي ٻيهر استعمال ڪرڻ خلاف استادن ۽ شھرين جي سڏ تي استاد ھدايت الله سومرو، سرفراز بهراڻي، لياقت بهراڻي، رمضان گولو، يونس سومرو، شبير مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺيڪيدار حاڪم دايو خلاف احتڃاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻن چيو ته ٺيڪيدار اسڪول بلڊنگ جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري ريتي ۽ سيمينٽ بدران فقط واري استعمال ڪري رهيو آهي. سرون، لوهه، سريا ۽ گارڊر به پراڻا استعمال ڪري جگاڙي ڪم ڪري رهيو آهي، اسان ٺيڪيدار کي اھڙو ناقص ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي ڪم بند ڪرائي ڪنهن ايماندار ٺيڪيدار کان ڪم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button