سنڌ

گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي سطح ۾ لاڳيتو واڌ، ننڍي ٻوڏ جو اعلان

گڊو بئراج تي سنڌو درياهه جي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ بعد گڊو بئراج تي هيٺين سطح جي ٻوڏ جو اعلان ڪيو ويو. ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪچي جي رهواسين کي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو. ملڪ ۾ تازين برساتن سبب سنڌو درياهه ۾گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 73 هزار 970 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ هيٺيون وهڪرو 2 لک 68 هزار 886 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح 57 ۾ هزار 539 ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. آبپاشي کاتي گڊو بئراج وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا به ڪچي جي رهواسين کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. ٻئي طرف ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڊو بئراج مان نڪرندر گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر کي به بند ڪيو ويو. ٻئي طرف موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ڪنٽرول روم موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻي سطح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ٻي طرف گڊو بئراج بچا بندن تي به پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ شروع ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button