سنڌ

بندن جي نگراني ۽ پاڻي صورتحال جو جائزو وٺڻ لا ڪميٽيون قائم

آبپاشي کاتي جي صوبائي وزيرڄام خان شورو پاران سنڌ صوبي ۾ موجوده چوماسي جي تيز برساتن بعد امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي جي سمورن بچا بندن ۽ سنڌو دريا ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻ لا کاتي جي لاڳاپيل عملدارن سان ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جو صوبائي سيڪريٽري جمال الدين مڱڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل محمد ايوب سومرو، ايڊوائيزر واٽر ڊسٽري بيوشن سيل جنيد هاشم ٽالپر ۽ ڊائريڪٽر ريگيوليشن شهباز اختر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير ڄام خان شورو کي آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن سنڌ صوبي ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال ۽ بچاءُ بندن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن جي موجوده صورتحال جي نگراني ڪرڻ لاءِ ايڊوائيزر واٽر ڊسٽري بيوشن سيل جنيد هاشم ٽالپر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جنھن ۾ انڊس ريور بند، ايس پي بند، منڇر ڪنٽينگ بند ۽ ايل بي او ڊي بندن سميت سمورن بچا بندن جي نگراني ڪرڻ شامل آهي. ٽي رڪني ڪميٽي صوبي جي سمورن بچاءُ بندن جو دورو ڪندي ۽ چوماسي جي برساتن کانپو واري صورتحال ۽ ڪيل انتظامن بابت جائزو وٺي روزاني جي بنياد تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ان کان علاوه برساتن جي دوران امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان ايڊوائيزر جنيد هاشم ٽالپر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ٻي ٻه رڪني بئراج واٽر ريگيوليٽنگ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جيڪا سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري کي ايس او پيز تحت بنائڻ واري ڪم جي نگراني ڪندي ۽ ھي ڪميٽي سمورن چيف انجنيئرن کي پابند بڻائيندي ته هو سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن بئراجن تي پاڻي جي ضابطي ۽ نگراني کي يقيني بڻائين. صوبائي وزير ڄام خان شورو اجلاس ۾ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ٻئي قائم ڪيل ڪميٽيون روزاني جي بنياد تي صبح 9 وڳي پنهنجي رپورٽ آبپاشي کاتي جي آفيس ۾ پيش ڪنديون ۽ کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته صوبي ۾ تازي چوماسي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا هميشه الرٽ رهن ۽ پنهنجون سموريون تياريون پڻ مڪمل رکن. ان سلسلي ۾ ڪنھن به قسم جي ڪا ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي، غفلت ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button