سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ سماجي تحفظ بل پاس،تحريڪ انصاف جو واڪ آئوٽ

سنڌ اسيمبلي اربع تي پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ سماجي تحفظ اختياري بل پاس ڪري ورتو، جيڪو صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پيش ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته هن بل تحت هڪ اٿارٽي جيڪا پهريان ئي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان کي اسان ٻين ضلعن ۾ کڻي وڃي رهيا آهيون، ان سان اسان وٽ هڪ ڊيٽا ايندو، ان جي هڪ مانيٽرنگ ٿي وئي، هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سمورو ڊيٽا اچي ويندو. جيتري به غريب ماڻهن کي سهولت ڏئي سگهون ٿا، انهن کي سهولتون ڏينداسين، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو هميشه نعرو رهيو آهي ته غريبن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي ايوان بل پاس ڪري ورتو. هوڏانهن پنجاب ۾ حمزه شهباز حڪومت وڃڻ جي خوشي ۾پي ٽي آئي ميمبرن ايوان ۾ جشن ملهايو ۽ انهن سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي، جنهن تي پارليماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پنهنجي اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري تي پي ٽي آئي وارا مٺائي ورهائي رهيا آهن. دعا جي وقفي دوران پي ٽي ائي ميمبرن عمران خان جي ڪاميابي ۽ صحت لاءِ دعا جي اپيل ڪئي. حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي پي ٽِي آئي ميمبرن احتجاج ۽ ايوان جي ڪارروائي جو واڪ آئوٽ ڪيو. خرم شيرزمان چيو ته اسپيڪر اسان کي ٻڌائي ته حليم عادل شيخ کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته حليم عادل زمينن تي قبضي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي، هن ڳائڻي مني بيگم جي زمين تي به قبضو ڪيو هو. ان موقعي تي پي ٽي آئي ميمبرن سيٽن تي اٿي بيهي احتجاج ڪيو. اپوزيشن جي گوڙ سبب اسيمبلي جي ڪارروائي احتجاج جي ور چڙهڻندي نظر آئي، ڪارروائي دوران پي ٽي آئي جي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضيا جڏهن قائدن جي خلاف ايوان ۾ موبائيل فون جو استعمال ڪيو ته ريحانه لغاري سيما ضيا کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان روڪيو، ان دوران ميمبر حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي خلاف ايوان ۾ نعريبازي ڪندا رهيا، پي ٽي آئي ميمبرن اسپيڪر ڊائس جي اڳيان وڃي به احتجاج ڪيو، جنهن تي پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته پي ٽي آئي وارا حليم عادل شِيخ جي گرفتاري تي گهڻو خوش آهن، تنهنڪري اڄ انهن مٺائي ورهائي آهي، خرم شير زمان چيو ته اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري سان اسيمبلي ميمبرن جو استحقاق مجروح ٿي رهيو آهي، جنهن تي مڪيش ڪمار چيو ته ان جو شرم حيا ان وقت ڪٿي هو، جڏهن عورت ايم پي اي کي گرفتار ڪيو ويو، مڪيش ڪمار چيو ته حليم عادل لينڊ گريبر چور آهي، مڪيش ڪمار جو چوڻ هو ته هن ايوان جي اسپيڪر کي گرفتار ڪيو ويو ته ان وقت هي ڇو خاموش هئا. خرم شير زمان چيو ته حليم عادل هن حڪومت کي وائکو ڪري رهيو آهي، جنهن کان پوءِ پي ٽي آئي ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button