سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيروزگاري کان تنگ پورهيت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو

لاڙڪاڻي جي ممتاز ڪالوني جي رهواسي پورهيت سيد رياض شاهه بيروزگاري کان تنگ ٿي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مقامي ٽوٻن بچائي ورتو. ان موقعي تي مبينا خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ پورهيت رياض شاهه صحافين کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ برساتن سبب گذريل ڪيترن ڏينهن کان بيروزگار بڻجي گهر ۾ ويٺو آهيان، جڏهن ته هن وقت منهنجي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهھ به ناهي، معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن. اهڙي صورتحال کان تنگ ٿي مان رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي پر اتي مقامي ٽوٻن مونکي بچائي ورتو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون مسڪين جي حال تي رحم کائي مالي سهائتا ڪري فاقه ڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button