سنڌ

ڳڙهي حسن ۾ روڊ نه ٺهڻ خلاف دوڙ واسين جو احتجاجي مظاهرو

ڳڙھي حسن ويجهو دوڙ جي شهرين عبدالوھاب ڪنڊراڻي، ڇوٽو ڪٽوھر، ميجر ڪنڊراڻي روڊ جي گپ گيچڻ جي بيٺل پاڻي ۾ ساريالو ٻيجارو رونبو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هنن دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان دوڙ جي روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب ھتان جا شھري ۽ دڪاندار عذاب ۾ مبتلا آھن. ھنن چيو ته چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ دوڙ جو روڊ گذريل 50 سالن کان ناھي ٺھي سگھيو، ٻه ڀيرا روڊ منظور ھجڻ باوجود روڊ جو ٺيڪيدار روڊ تي پٿر به نه وڇائي سگھيو. ھنن انتظاميا کان گھر ڪئي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري دوڙ شهر روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button