سنڌ

سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو تي برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي

سنڌ جي تاريخي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي. برساتن سبب موھن جو دڙو جي ڀڳل آثارن تي ماڻهن جي لتاڙ، انتظامي بي ڌياني، آثارن مٿان وسڪاري سبب آلاڻ باوجود انتظامیيا خاموش بڻيل آھي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻن سارنگ سنڌو، جنيد احمد، علي رضا ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ثقافت کاتي طرفان موھن جي دڙي جي تاريخي آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪو عملي ڪردار ادا نه ڪيو ويو آهي، آلاڻ سبب ڪچيون ڀتيون ڀرڻ لڳيون آهن، تفريحي مقام رات جو اونداهي ٿيڻ تائين کليل آھن، وڏي انگ ۾ ماڻھن جي اچڻ ڪري نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي پر ذميوار عملدار ڪمائي لا دڪان کولي ويٺل آهن. ھنن پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تاريخي آثارن کي بچائڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button