سنڌ

ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو: رانا تنوير

تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي وقت جي ضرورت آهي، سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. عمران خان پنهنجن ساڍن ٽن سالن جي حڪومت ۾ رڳو انتقامي ڪارروائين کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪيو. پي ٽي آئي چيئرمين ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسان قوم لاءِ مشڪل فيصلا ڪري رهيا آهيون، ماڻهن کي رليف ڏيڻ کان پوءِ اليڪشن ۾ وينداسين، ٽن چئن ڏينهن ۾ نئين چيئرمين ايڇ اِي سي جي مقرري ڪئي ويندي ۽ اردو يونيورسٽي جي وي سي جي خلاف سخت قدم کنيو ويندو. هو جمعي تي آئي بي سي سي جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڪريٽري آئي بي سي سي غلام علي ملاح به خطاب ڪيو. تقريب ۾ تعليم وارو صوبائي وزير اسماعيل راهو، سيڪريٽري بورڊ مريد راهمون به موجود هو. هن چيو ته آئي بي سي سي معياري بلڊنگ بڻائي آهي، ان سان شاگردن کي دستاويزن جي تصديق ۾سهولت ٿيندي، ڪم ڪرڻ جي نيت سٺي هجي ته ڪڏهن به ايڪشن نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اردو يونيورسٽي جي وي سي کي 15 جولاءِ تائين ڪينيڊا مان وطن واپس اچڻو هو پر هو نه آيو هاڻي وڌيڪ ٻن ڏينهن ۾ نه آيو ته وقتي وي سي جا حڪم ڏنا ويا آهن. اردو يونيورسٽي ايڊهاڪ ازم جو شڪار آهي، يونيورسٽي ۾بيقاعدگيون آهن ۽ مافيا ويٺي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪوائلٽي ايجوڪيشن تي يقين رکان ٿو، آهستي آهستي تعليم ٺيڪ ٿي رهي آهي، مان يونيورسٽين جي عالمي درجه بندي مان مطمئن نه آهيان. هن چيو ته قومي درجه بندي ٿيڻ گهرجي، هائير ايجوڪيسن ڪميشن کي ڊائريڪشن ڏئي ڇڏي آهي. رانا تنوير چيو ته يونيورسٽين کي جيتري مالي مدد جي ضرورت پوندي ڪنداسين. پي ٽي آئي حڪومت فنڊز 30 ارب ڪيو هو، اسان 120 ارب کان مٿي آندو. هن چيو ته دنيا ۾ هاڻي پي ايڇ ڊي جي گهرج ناهي رهي پر هنرمند ماڻهن جي ضرورت آهي، ڪوائلٽي لاءِ تربيت يافته استاد ضروري آهن، لکين ٽيچر جن جي تربيت ضروري آهي. هن چيو ته هڪ جهڙي تعليم جو خيال هو، اسان سنگل قومي نصاب ختم ڪري ان کي قومي نصاب ڪري ڇڏيو آهي. رانا تنوير حسين چيو ته اسلام آباد انٽر بورڊ سٺا سڌارا ڪيا آهن، سڄي ملڪ جا بورڊ ان تي ڪم ڪن. ان کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي رانا تنوير چيو ته هي اسان جي اتحادي حڪومت آهي، اسان جا گورننس جا اشوز آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي، پارليامينٽ جي بالادستي وقت جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button