سنڌ

بلوچستان جي برسات متاثرن جي مدد ڪئي وڃي:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ ملڪ جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي متاثرن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق پ پ چيئرمين چيو ته برساتن سبب بلوچستان سميت ملڪ جا مختلف علائقا متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته بلوچستان سميت ملڪ جي ٻين علائقن جي برسات متاثر عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن جي امداد، ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽موسمي تبديلين تي ضابطو آڻڻ سندس ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته هي وقت سياست ڪرڻ جو نه پر برسات متاثر پنهنجي وطن واسين سان گڏ بيهڻ جو آهي. پي پي چيئرمين پارٽي عهديدان ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڏيندي چيو ته اهي ملڪ ۾ جاري امدادي ڪمن ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺي پنهنجو فرض نڀائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button