سنڌ

آصف زرداري دبئي پهتو ته ڪرونا جو شڪار هو:بختاور ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري چيو اهي ته سندس والد ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جڏهن جهاز مان دبئي لٿو ته هو ڪرونا وائرس جو شڪار هو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ بختاور ڀٽو چيو ته جڏهن آصف علي زرداري دبئي ۾لٿو ته ان جي پي سي آرٽيسٽ سندس ڪرونا هاڪاري هجڻ جو انڪشاف ڪيو پر الحمدالله ڪرونا وائرس جون علامتون گهٽ آهن. هن چيو ته آصف زرداري آرام ڪري رهيو آهي ۽ آئسوليٽ آهي. هو صحتياب ٿيڻ تي واپس اچي ويندو. هن پارٽي ورڪرن ۽ مداحن پاران دعائن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انشا الله هو جلد پنهنجي ڏوهٽي کي ڳلي لڳائيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button