سنڌ

برطانيا ۾ خيرات لاءِ گڏ ڪيل رقم تحريڪ انصاف کي منتقل ڪرڻ جو انڪشاف

برطانيا ۾ خيرات لاءِ گڏ ڪيل رقم پي ٽي آءِ کي منتقل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ابراج گروپ جي باني عارف نقوي پي ٽي آءِ لاءِ خيرات جي نالي تي رقم گڏ ڪئي، برطانيا ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچز ڪرايا ويا، انکانسواءِ مختلف ذريعن وٽان حاصل ڪيل رقم پي ٽي آءِ کي منتقل ڪئي وئي. فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عارف نقوي ڪيمن آءِ لينڊز ۾ شامل ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي بئنڪ رول لاءِ استعمال ڪيو. برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ابراج گروپ جي باني عارف نقوي ڪرڪيٽ ايونٽس ڪرايا، هڪ ڪرڪيٽ ميچ آڪسفورڊ شائر ۾ عارف نقوي جي محل نما رهائشگاهه تي کيڏي وئي، عارف نقوي ويڪ اينڊ تي راندين ۽ شراب جي دعوت ڏني، جنهن ۾ عمران خان سميت ڪيئي بئنڪرز، وڪيلن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب عارف نقوي 2012 کان 2014 تائين ووٽن ٽي، ٽوئنٽي جو صدر رھيو، ووٽن پيلس تي کيڏجندڙ ميچ ان ٽورنامينٽ جو اھم حصو، ان ايونٽ ۾ مھمانن کي 2 کان اڍائي ھزار پائونڊ جي وچ ۾ ادائگي جو چيو ويو، ٻڌايو ويو تھ رقم ڀلائي جي مقصد جي لاءِ طلب ڪئي وئي آھي، اهڙي قسم جي خيراتي فنڊ ريزر برطانيا ۾ هر سال گرمين جي مند ۾ ورجائي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان فائدو پاڪستان ۾ سياسي جماعت کڻي رهي هئي، جيڪا غيرمعمولي ڳالهه هئي، فيس ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ کي ڏني وئي، جيڪي دراصل ڪيمن آءِ لينڊز ۾ رجسٽرڊ ڪمپني هئي، ڪيمن آءِ لينڊز ۾ رجسٽرڊ ڪمپني عارف نقوي جي ملڪيت هئي، اها رقم پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ووٽن کي ڪيئي ڪمپنين ۽ ماڻهن لکين ڊالرز فنڊ ڏنا، ابوظهبي جي شاهي خاندان جي هڪ وزير به 20 لک پائونڊ ڏنا. فنانشنل ٽائمز طرفان ابراج جي اي ميلز ۽ اندروني دستاويزن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ووٽن ڪرڪيٽ کي 14 مارچ 2013ع کي ابراج انويسٽمنٽ ذريعي 13 لک ڊالر مليا، ووٽن ڪرڪيٽ جي اڪائونٽ مان 13 لک ڊالرز سڌو سنئون پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ وڌا ويا. ان ڏس ۾ بئنڪ اسٽيٽمنٽ ۽ سوئفٽ جي تفصيل جي ڪاپي موجود آهي، اپريل 2013ع ۾ شيخ نهيان مبارڪ ووٽن ڪرڪيٽ جي اڪائونٽ ۾ 20 لک ڊالرز منتقل ڪيا، 20 لک ڊالرز اچڻ جي 6 ڏينهن کانپوءِ 12 لک ڊالر 2 قسطن ۾ پاڪستان منتقل ڪيا ويا، شيخ نهيان ابوظهبي جي شاهي خاندان جو رڪن ۽ بئنڪ الفلاح جو چيئرمين آهي، ڪيش فلو جي ذميدار ابراج ايگزيڪٽو نقوي کي اي ميل ۾ ٻڌايو ته شيخ جا پئسا اچي ويا آهن. رپورٽ موجب رقم ووٽن ڪرڪيٽ اڪائونٽ ۾ اچڻ کانپوءِ رفيق لاکاني کي نقوي اي ميل ڪئي، جنهن تي لاکاني رقم ٻن قسطن ۾ پاڪستان منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني. برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ طارق شفيع جي ذاتي اڪائونٽ ۾ رقم موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي، لاهور ۾ انصاف ٽرسٽ جي اڪائونٽ ۾ به رقم موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي، نقوي جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ ڏانهن 12 لک ڊالرز اُماڻيو. هن چيو ته ڪنهن کي نه ٻڌايو ته فنڊ ڪٿان اچي رهيا آهن ۽ ڪير موڪلي رهيو آهي، جنهن تي رفيق لاکاني ها ۾ جواب ڏنو. برطانوي اخبار موجب رفيق لاکاني چيو ته ووٽن ڪرڪيٽ ذريعي 12 لک ڊالر پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪنداسين، ووٽن ڪرڪيٽ 6 مئي 2013 تي شفيع ۽ انصاف ٽرسٽ کي 12 لک ڊالر منتقل ڪيا، جنهن بعد نقوي هڪ ساٿي کان وڌيڪ 12 لک ڊالر پي ٽي آءِ کي منتقل ڪرڻ تي اي ميلز ڪئي، ابراج جي سينيئر ايگزيڪٽو رفيق لاکاني نقوي کي اي ميل ڪئي ته ٽرانسفر جو مقصد پي ٽي آءِ لاءِ هو. برطانوي اخبار موجب شيخ نهيان تبصري جي درخواست جو جواب ناهي ڏنو پر عمران خان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته شفيع پي ٽي آءِ کي چندو ڏنو. برطانوي اخبار موجب عمران خان چيو ته اهو جواب طارق شفيع کي ڏيڻو آهي ته هن اها رقم ڪٿان حاصل ڪئي، ابراج طرفان ووٽن ڪرڪيٽ ذريعي 1 ڏهائي 3 ملين ڊالر ڏيڻ جي ڄاڻ نه هئي، پي ٽي آءِ کي شيخ نهيان کان ملڻ واري فنڊز بابت علم ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button