سنڌ

عوام کي بهترين سفري سهولت ڏيڻ چاهيون ٿا:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي موجوده چونڊيل حڪومت عوام کي بهترين آرام ڏيندڙ ۽ سستي سفر جي سهولت مهيا ڪرڻ گهري ٿي. هن منصوبي تي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. هن اها ڳالهه جمعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جو جواب ڏيندي چئي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ تبديل ٿيندا رهيا آهن پر حڪومت هڪ ئي رهي آهي. بسن ۾ معذورن لاءِ کوڙسارا انتظام ۽ قدم کنيا ويا آهن. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد جي سوالن جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾جيڪي نيون بسون آيون آهن، انهن ۾معذورن لاءِ سهولت آهي معذور ماڻهن جو ڊيٽا لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ وٽ هوندو آهي، جلد ئي اسان جون ٻيون بسون اچي وينديون. سندس چوڻ هو ته جيتريون به نيون سرڪاري بسون اينديون، انهن ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ سيٽون رکيل هونديون. هن چيو ته انهن جا ڀاڙا تمام گهٽ آهن، ڪراچي لاءِ بهترين سروس آندي آهي. خانگي بس سروس کي به ٽرانسپورٽ کاتو روٽ پرمٽ جاري ڪري ٿو. خرم شير زمان چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نالي تي ڪراچي وارن کي رلايو ويو آهي. ڪراچي جي رستن تي ڀڳل ٽٽل پراڻيون بسون هلي رهيون آهن، گرين لائن، بي آر ٽي اسان پنهنجي دور ۾ شروع ڪئي، جنهن تي شرجيل ميمڻ چيو ته گرين لائن ميٽرو بس منصوبو محمد نواز شريف جي دور جو هو. هن ٻڌايو ته ايڌي ۽ اورنج لائن بس منصوبو آگسٽ ۾ شروع ٿيندو. ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه پنهنجي سيٽ تي اٿي وضاحت ڪئي ته گرين لائن بي آر ٽي پراجيڪت ۾ پئسو سنڌ جو هو ۽ پي ايس ڊي پي فنڊ مان گرين لائن بي آر ٽي ٺهي آهي. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ مهيني اسان اهڙو بس منصوبو شروع ڪيون، جنهن جو اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اورنج لائن عبدالستار ايڌي جي نالي سان منسوب آهي، ان جو 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان جون بسون موجود آهن، گرين لائن تي به ٿورو ڪم رهي ٿو. ريڊ لائن جو پروجيڪٽ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ سان ڪم شروع ٿي چڪو آهي، يلو لائن پروجيڪٽ کي ورلڊ بئنڪ فنڊز ڪري رهيو آهي، ان تي اڃا ڪم شروع ناهي ٿيو، ان ۾ جيڪڏهن ڪا پاليسي جي تبديلي ڪرڻي پئي ته ان تي اسيمبلي کي اعتماد ۾ وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button