سنڌ

ميرو خان ويجهو زبردستي روڊ ٺاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ميروخان – لاڙڪاڻو روڊ تي ٺوڦ چئوسول لاڙي ويجهو ڳوٺ پيارو مگسي کان ڳوٺ پَڻيان طرف ويندڙ لنڪ روڊ جو تعميراتي ڪم تي اعتراض واري بند ڪرائڻ تان پئدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به کوسا برادري جي عورتن جنت خاتون، آمنت خاتون، شهزادي کوسو جي اڳوڻي ۾ پوليس ۽ تر جي بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺ پيارو مگسي وٽ ٺهندڙ لنڪ روڊ واري رستي تي کٽ تي قرآن پاڪ رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن جو چوڻ هو ته روڊس کاتو ۽ ضلعي انتظاميا اسان جي ڳوٺ پيارو مگسي ڀرسان 150 جريب زرعي زمين کي آباد ڪندڙ واٽر ڪورس واري رستي تي زوري روڊ ٺاهڻ واري ڳالھه تي بضد آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن لنڪ روڊ ٺاهيو ويو ته اسان جي 150 جريب زمين غيرآباد ٿي ويندي ۽ اسين فاقا ڪشي جو شڪار ٿي وينداسين، اسان کي روڊ نه پر واٽر ڪورس گهرجي، جنهن سان اسان جي زمين آباد ٿئي ٿي ۽ اسان جو گذر سفر ٿيندو آهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته روڊ جو تعميراتي ڪم بند ڪري اسان جي مردن تي داخل ڪيس ختم ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button