سنڌ

ٿر ڪول بلاڪ ون جي متاثرن لاءِ ڪالونيون ٺاهيون وينديون:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول بلاڪ هڪ جي متاثر ٿيندڙ فردن (PAPs) کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪالونيون قائم ڪري کين مناسب طريقي سان آباد ڪيو ويندو. بلاڪ ہڪ ۾ ڪم ڪندڙ شنگهائي گروپ متاثرن کي ٻيھر منتقل ڪرڻ لاءِ رهائشي ڪالوني جي تعمير جو ڪم تيز ڪري. هن اها ڳالهه سومر تي وزيراعليٰ هائوس ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي صدر مسٽر ليوپنگ جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي ميمبرن ۾ وائيس پريزيڊنٽ مسٽر لي زيان رونگ، چيئرمين بلاڪ 1 پاور جنريشن ڪمپني مسٽر مينگ ڊونگائي ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ ڪئي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بلاڪ ون ۾ ڪم شروع ٿيڻ سان ٻه ڳوٺ متاثر ٿيا آهن ۽ منصوبي سان ڀرپاسي وارا خاندان پڻ متاثر ٿيا آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کين بهترين رٿابندي ۽ تعمير ٿيل گهر فراهم ڪندي. امتياز شيخ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته شنگهائي گروپ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت لاءِ 50 سيڪڙو رقم ادا ڪري ڇڏي آهي، جيئن ڪم اڳتي وڌندو ته ڪمپني باقي 50 سيڪڙو ادا ڪندي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير امتياز شيخ کي هدايت ڪئي ته علائقي جي ضرورت موجب گهرن جي تعمير کي يقيني بڻايو وڃي. بلاڪ ون جي متاثر ڪالوني ۾ پاڻي، بجلي، روڊ، سبزيون/ وڻ پوکڻ، هندن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ ڪميونٽي هال، اسڪول ۽ ڊسپينسري جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. شنگهائي گروپ جي صدر ليوپنگ وڏي وزير کي ٻڌايو ته زمين حاصل ڪرڻ جو ڪم مڪمل ناهي ٿيو. ان تي توانائي واري وزير چيو ته زمين حاصل ڪرڻ جا اڪثر مسئلا حل ٿي ويا آهن ۽ رڳو 660 ايڪڙ زمين ڪنهن مسئلي سبب التوا جو شڪار آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيني گروپ کي يقين ڏياريو ته زمين جا باقي مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا. مراد علي شاهه آيل مهمانن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا آهن. واضح رهي ته شنگهائي گروپ ٿر بلاڪ ون ۾ 260 ميگاواٽ جا ٻه ڪوئلي جا پاور پلانٽ لڳائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button