پاڪستانسنڌ

لمس ۾ بئنڪ عملي خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قائم خانگي بئنڪ عملي خلاف لسوا صدر سعيد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڄاڻايل بئنڪ عملو پگهار وٺڻ دوران ملازمن سان ناروا سلوڪ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ملازم احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڌرڻي دوران اڳوڻي لسوا اڳواڻ سڪندر جوڻيجو هاڻوڪي صدر سعيد لاشاري سان منهن ماري ڪئي، جنهن بعد انتظاميا وچ ۾ پئي احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button