سنڌ

حڪومت برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي:بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ حڪومت جي نمائندن ۽ ٻين پ پ اڳواڻن وچ ۾ ملاقات جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به موجود هئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ حڪومت جي نمائندن برساتن کان پوءِ واري صورتحال ۽ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخي برساتن ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندن ۽ پ پ اڳواڻن پاران عوام وچ ۾ وڃي مسئلن جي حل جي ڪوشش ساراهه جوڳو عمل آهي، وفاقي حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ سڄي ملڪ جي عوام جي مدد لاءِ خاص ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ پ عام ماڻهن جي پارٽي آهي، مصيبت ۾ اسان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات جي موقعي تي پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر سعيد غني، صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، واٽر بورڊ جووائس چيرمين نجمي عالم ۽ ٻيا تنظيمي عهديدار ۽ پارٽي اڳواڻ به موجود هئا. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ بلوچستان جي اڳواڻ حاجي علي مدد جتڪ پڻ ملاقات ڪئي. بلاول هائوس ۾ ملاقات ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي حاجي علي مدد جتڪ بلوچستان ۾ برساتن سان ٿيل تباهي جي صورتحال کان باخبر ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري قدرتي آفتن سان ٿيندڙ بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي بلوچستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button