سنڌ

استحقاق جي رٿ رد،تحريڪ انصاف جو سنڌ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي نوڪري تي رکڻ جرم آهي، خلاف ورزي تي 33 ڪيس ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ مهم شروع ڪئي پئي وڃي، ميرج گرانٽ سوشل ويلفيئر بورڊ ۾ رجسٽرڊ ورڪرز جي ٻارڙين کي ڏني وڃي ٿي. انهن کي ٻيون سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته بينظير ڪارڊ سان 6 لک مزدورن کي وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن اها ڳالهه اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾محبت کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي. سعيد غني چيو ته هاڻي ڪير به ورڪر ڪٿي به ڪم ڪندا هجن، انهن سڀني کي به رجسٽرڊ ڪنداسين، اسان وٽ رجسٽرڊز ورڪرز جو انگ تمام گهٽ آهي. هن چيو ته نادرا کي به ذميواري ڏني آهي ته اهو ان ڏس ۾ اسان سان سهڪار ڪري. سعيد غني ٻڌايو ته اسڪالرشپ جي مد ۾ 138 ۽ ميرج گرانٽ جي مد ۾ 573 ملين ڏنا ويا هئا. صوبائي وزير ٻڌايو ته انٽر ميڊيٽ جي شاگردن کي 90 هزار ميٽرڪ جي شاگردن کي 30 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي هوندي آهي، اها سمورا فيصلا ڪري ٿي، امداد ۽ گرانٽ جي فراهمي جو هڪ هڪ طريقو موجود آهي، ان تي جيڪي ماڻهو اپلاءِ ڪن ٿا انهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. ايمپلائيزرز کان جيڪو پئسو اچي ٿو، اهو اسان ڏيون ٿا، هن وقت اسان وٽ پئسي جي ڪمي نه آهي. صوبائي وزير چيو ته 14 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن کي نوڪري تي رکڻ ڏوهه آهي، ڀڃڪڙي تي 33 ڪيس ڪيا ويا آهن.سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي خط لکيا ويا آهن ته اهي چائلڊ ليبر جي اشو تي نطر رکن. هن چيو ته اسان جي اسڪولن ۾ رجسٽرڊ ورڪرز جا ٻار پڙهن ٿا ۽ اسان جي اسڪول جو رجسٽر زبردست آهي ۽ اسان جي ٻارڙن مان 150 اي ون گريڊ حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جو ڊيٽا جيئن وڌندو، ان مطابق وڌيڪ اسڪول ٺاهينداسين، جتي جتي ليبر ڪالونيون آهن اتي اسان جا اسڪول موجود آهن. سعيد غني چيو ته اسان وٽ تعليم جو معيار ڪافي بهتر آهي، ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي محمد حسين پنهنجي هڪ اعتراض واري نقطي تي چيو ته وفاقي ٽيڪس جي ڪري واپاري برادري سخت پريشان آهي، اسان حڪومت جو حصو آهيون، تنهنڪري اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ماڻهن جون ڏکيائيون گهٽ ٿين. هن ايوان کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد ۾ تاجر برادري آئي هئي ان موقعي تي اسان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي به لائن تي ورتو هو، جنهن ۾ هن خاطري ڪرائي هئي ته ان جا مسئلا حل ڪيا ويندا. محمد حسين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وفاقي ٽيڪس تاجرن کان وصول ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ به ائين ڪيو وڃي ٿو ته ٺيڪ رڳو ڪراچي ۾ ائين ڪرڻ زيادتي آهي، وفاقي حڪومت اهو فيصلو واپس وٺي. سعيد غني چيو ته ٽيڪس جو نظام اهڙو هجي، جيڪو بهتر هجي، ڪراچي ۽ لاهور لاءِ الڳ الڳ ٽيڪس وٺڻ زيادتي آهي، هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته بنا مشاورت جي ٽيڪس نه اوڳاڙيو وڃي. ڪراچي جي واپارين تي جنهن نموني ٽيڪس لڳايو ويو آهي ان جي لڳائڻ کان پهريان ڪراچي جي واپارين سان صلاح مشورا ڪيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن زبردستي ڪو فيصلو مڙهيندا ته مسئلا پيدا ٿيندا. ايوان جي ڪارروائي دوران پي ٽي آئي جي رابستان خان پاران هڪ استحقاق واري رٿ آندي وئي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته 23 مئي ۽ 24 مئي تي پوليس منهنجي گهر گهڙي منهنجو هڪ ڀاءُ ۽ ڪزن جيڪو مهمان هو، ان کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته مون وٽ وڊيو موجود آهي، اسان هن هائوس جا ميمبر آهيون، تڪ جي عوام اندر خوف ڇانئجي ويو. هن چيو ته عوام ڏانهن تاثر وڃي رهيو آهي ته شايد اسان چور يا ڌاڙيل آهيون، استحقاق واري رٿ تي ڳالهائيندي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته فاضل ميمبر جو چوڻ آهي ته پوليس سندس تڪ ۾ آئي، جيتوڻيڪ سڀني کي معلوم هئڻ گهرجي ته پوليس جو ڪم ئي گشت ڪرڻ آهي، جنهن کان پوءِ وقتي اسپيڪر ان جي استحقاق واري رٿ ضابطي جي خلاف قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، جنهن تي پي ٽي آئي جي ميمبرن احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ۽ اهي ايوان مان واڪ آئوٽ به ڪري ويا، جنهن کان پوءِ ايوان جي ڪارروائي اربع جي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button