پاڪستان

تحريڪ انصاف تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ورتي. اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪالهه صبح 10 وڳي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه دير کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا 3 رڪني بئنچ جو گڏيل فيصلو ٻڌايو. فيصلي جي اهم نڪتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊ ورتا، 13 اڻڄاتل اڪائونٽ سامهون آيا، آمريڪا، آسٽريليا ۽ گڏيل عرب امارتن مان عطيا ورتا ويا، پي ٽي آءِ انهن اڪائونٽن بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي، آئين موجب اڪائونٽ لڪائڻ غير قانوني آهي، پي ٽي آءِ 34 پرڏيهين، 351 ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کان فنڊ ورتا، پي ٽي آءِ عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان پابندي پيل فنڊنگ ورتي، ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ ابراج گروپ جي ماتحت ڪم ڪري رهيو هو، يو اي اي جي ڪمپني برسٽل انجنيئرنگ سروسز کان 49 هزار 965 ڊالرن جي پابندي پيل فنڊنگ ورتي، سياسي پارٽين جي ايڪٽ جي آرٽيڪل 6 موجب پرڏيهي فنڊنگ تي پابندي آهي، عمران خان فارم ون جمع ڪرايو، جيڪو غلط بياني ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، پارٽي اڪائونٽن بابت ڏنل حلفي بيان ڪوڙو آهي، نجي بئنڪ ۾ ٻئي اڪائونٽ عمران خان پي ٽي آءِ جي نالي سان کولرايا، هڪ بئنڪ اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙن کان وڌيڪ ۽ ٻئي ۾ 51 هزار ڊالر هئا، گڏيل عرب امارتن جو قانون خيراتي تنظيمن جا عطيا گڏ ڪرڻ کان روڪي ٿو، فنڊنگ ريزنگ لاءِ اجازت گهربل هوندي آهي، اجازت نه وٺڻ يو اي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي تحريڪ انصاف کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڇو نه انهن جا پابندي پيل فنڊ ضبط ڪيا وڃن، اليڪشن ڪميشن آفيس قانون موجب ڪارروائي به شروع ڪري، فيصلي جي ڪاپي وفاقي حڪومت کي جاري ٿا ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button