لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ رب ڏنو جتوئي جي رهواسڻ شادي شده ڳورهاري عورت پنهنجي پيرسن ما سان گڏجي ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سلطانه جتوئي پنهنجي ما زرينا خاتون چانڊيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته هڪ سال اڳ شادي شڪارپور جي ڳوٺ ربڏنو جتوئي واسي يعقوب جتوئي سان ٿي هئي، جنهن مان 7 مهينن جو پيٽ آهي، شادي بعد مڙس ۽ سندس ڀائر مونکي والدين جي گهر نه ڇڏيندا هئا ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا. هن الزام لڳايو ته رمضان ۾ منهنجي مڙس مٿان ڪارنهن جو الزام لڳو، جنهن تي سندس گهرڀاتين کيس ڳوٺان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن بعد منهنجي سهري رحمت الله جتوئي، ڏير شمن، عمر، قمر جتوئي سميت سندن مائٽ بهادر، خان محمد، امير بخش جتوئي ۽ ٻين پاڻ ۾ صلاح ڪري مون مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام لڳائڻ جو پلان جوڙي قتل جي سازش رچائي، اهڙي صورتحال بعد مان دوا جي بهاني گهران نڪري پنهنجي ما وٽ پهتي آهيان، هن وقت مون سميت منهنجي ما ۽ ٻين مائٽن کي مڙس، سهري، ڏيرن مان جان جو خطرو آهي. اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close