سنڌ

جروار ڀرسان سيپڪو جي غفلت،بجلي جو ٿنڀو تلا ۾ ڪريل،مينهن مري وئي

جروار ويجهو ڳوٺ ٻانهون خشڪ ڀرسان خانڳڙهه فيڊر جي بجلي جو ٿنڀو ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي تلا ۾ ڪريل هجڻ ڪري ڳوٺاڻي جي مينهن پاڻي پيئڻ لا تلا ۾ وئي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب مري وئي. ان باوجود سيپڪو عملدارن بجلي جو ٿنڀو سڌو نه ڪيو آهي، جنهنڪري علائقي ۾ وڏي جاني نقصان جو خدشو آهي. ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻي حاجي محمد سومرو ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جو ٿنڀو پاڻي جي تلا ۾ ڪريل آهي، جنهنڪري پاڻي ۾ ڪرنٽ اچي ويو آهي. ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر سيپڪو وارا اچڻ لا تيار ناهن. ڳوٺاڻن حافظ مريد خشڪ، الله بخش سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ڪيترائي ڀيرا سيپڪو خانڳڙهه وارن کي شڪايتون ڪيون آهن ته بجلي جو ٿنڀو پاڻي ۾ ڪريل آھي. ڳوٺ جو چوپايو مال سڄو ڏينهن ان تلا ۾ هوندو آھي ۽ معصوم ٻار به اڪثر ان تلا ۾ وهجهندا آھن، ڪٿي جاني مالي نقصان نه ٿئي پر سيپڪو وارن اسان جي هڪ ڳالھه به نه ٻڌي. انهن جي نااهلي سبب هڪ غريب جي مينهن مري وئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته غريب سان انصاف ڪري سيپڪو وارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button