سنڌ

پير جو ڳوٺ ڀرسان پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا

پير جو ڳوٺ ڀرسان پرائمري اسڪول نور محمد آريجو جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا. رپورٽ موجب پير جو ڳوٺ لڳ ڳوٺ نور محمد آريجو ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا. چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردن ۾ خوف پکڙجي ويو. ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون ٿي وئي آهي. اڄ شاگرد جيئن ئي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيا ته ڇتين جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا. شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. هنن چيو ته اسڪول جي زبون حالي بابت ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button