سنڌ

خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو،جوهي، ميهڙ۽ دادو لا خطرو

خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿي شهر ۾ داخل ٿي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. جڏهن ته دادو، جوهي ۽ ميهڙ لا خطرو برقرار آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب خيرپورناٿن شاهه انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي جي ڪري 95 سيڪڙو ٻڏي ويو آهي. شهر جا سرڪاري ادارا ڊگري ڪاليج بوائز، ڊگري ڪاليج گرلز، ها اسڪول بوائز، سول ڪورٽ، نادرا آفيس، گرڊ اسٽيشن، اينيمل هاسپيٽل ۽ ٿاڻي سميت ٻيا ادارا ٻڏي ويا آهن. ڪڻڪ جو گدام به ٻڏي ويو. خوراڪ کاتي جي نااهلي جي ڪري ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. خوراڪ کاتي وارن اک به نه پٽي. شهر ۾ شهباز ڪالوني، مدينا ڪالوني، رحمت الله ڪالوني مير خان ٻٻر، جروار ڪالوني، ڪريمداد لنڊ، گولي مار پاڙو، نيو آباد ڪالوني، مير حسن روڊ، شاهه لطيف ڪالوني سميت 20 کان وڌيڪ ڪالوني ۽ پاڙا مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. پاڻي گهرن، ڪارخانن، دڪانن ۽ هوٽلن ۾ 2 کان فوٽ بيٺل آهي. جڏهن ته پاڻي جي دٻا جي ڪري سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. شهري قاصر ٻگهيو ۽ ٻين دانهيو ته حڪمرانن اسان جي شهر کي هٿ سان ٻوڙايو آهي. شهري پنهنجي فيملين کي ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ويا آهن. ڪجهه فيمليون شهر ۾ هن وقت به رهيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button