سنڌ

لاڙڪاڻي جي يارمحمد ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني مان بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. ان سلسلي ۾ علائقي واسين وڏيري شفيق احمد ڪلهوڙو، غلام نبي بروهي، محمد صلاح ميرجت، محمد خان بروهي، عابد گاڏهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ترسات کي هڪ هفتو گذري ويو پر افسوس جو هن وقت تائين پيپلز پارٽي اڳواڻن سميت ضلعي انتظاميا يار محمد ڪالوني مگسي هوٽل واري مين گهٽي مان برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ڪالوني آيو جتي هنن ڦوٽو سيشن ڪرائي ۽ اسان کي سکڻا دلاسا ڏيڻ بعد واپس هليا ويا پر گهٽين ۽ گهر ۾ بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، جنهن سبب سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون. هنن پ پ اڳواڻن، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي يار محمد ڪالوني جي مگسي هوٽل واري گهٽي ۾ بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جون مشڪلاتون ختم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button