سنڌ

پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي. قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪو به ملڪ ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، دُنيا کي گڏجي هن آفت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت بابت عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي بلاول چيو ته عمران پاڪستان کي افغانستان، لبيا ۽ شام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، کيس فوج ۽ ڪمانڊرن جي حب الوطني تي سوال نه اٿارڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو ته عمران خان معيشت، سياست ۽ معاشرتي هم آهنگي لاءِ اَن گائيڊڊ ميزائل آهي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ادارن جي ميمبرن کي حب الوطني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ان انارڪسٽ جي سڃاڻپ آهي، ملڪ جون محب وطن قوتون عمران خان جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام پنهنجي فوج سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button