عالمي

چين ۾ زلزلي ڌرتي کي ڌوڏي ڇڏيو، 46 ماڻهو فوت،سوين زخمي

چين جي صوبي سيچوان ۾ زلزلي جي لوڏن ڌرتي کي ڌوڏي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 46 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چين جي ڏاکڻي صوبي سيچوان ۾ 6.6 شدت جي شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. آمريڪي اداري جي سروي موجب زلزلي جي شدت 6.6 ۽ گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي، زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو ۽ ڪجهه علائقن ۾ ڇپون ڪرڻ جا واقعا پڻ پيش آيا آهن، متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button