سنڌ

جڏهن سکر ٻڏي رهيو هو ته ڪٿي هئا؟ عمران خان کان شهرين جو سوال

تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان سکر پهچڻ تي شهرين سوال پڇي پڇي کيس لاجواب ڪري ڇڏيو، عمران سوالن کي اڻ ٻڌو ڪري واپس روانو ٿي ويو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين سکر ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ جو دورو ڪري متاثرن سان مختصر ملاقات ڪئي ۽ ساڻن گڏجي ماني پڻ کاڌي. ان موقعي تي اڪثر متاثرن سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون، جڏهن ته ڪجهه متاثرن کانئس سوال پڇيو ته جڏهن سکر ٻڏي رهيو هو ته توهان ڪٿي هئا؟ پنهنجي وزارت عظميٰ واري دور ۾ توهان سکر لا ڇا ڪيو؟ اهڙن سوالن تي عمران خان ڪو به جواب ڏيڻ بدران گاڏي ۾ چڙهي واپس روانو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button