بخشاپور ۾ پ پ اڳواڻ رحمت الله خان ڊومڪي، امير تيمور خان، جنيد ڊومڪي ۽ ٻين برسات متاثرن ۾ راشن ۽ ٻيو سامان ورهايو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻن رحمت الله ڊومڪي چيو ته بخشاپور جي متاثر 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ راشن ۽ ضرورت جون شيون ورهائي رهيا آهيون. جيڪي متاثر روڊن تي ويٺل آهن انهن کي ٽينٽ ڏيئي رهيا آهيون، جن جا گهر ڊهي پيا آهن انهن جي گهرن جي ٻيهر تعمير لا سروي جو ڪم جاري آهي. متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار روپيا ڏنا پيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close