لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ برسات متاثر گونگن ۽ ٻوڙن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گونگن ۽ ٻوڙن فياض احمد کهڙو، طالب علي بڙدي، صدام جمالي، زاهد کٽياڻ، نواز علي ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن سبب اسان گونگن ۽ ٻوڙن جا گهر ڪري پيا جنهن ڪري بيروزگاري سان گڏ سمورا گهر ڀاتي کليل آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون. اڳ اسان پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا هئاسين پر هاڻي اسان وٽ ڪجهه به ناهي بچيو، ايتري حد تائين جو اسان جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽي رهيا آهن پر چونڊيل نمائندا، ضلعي انتظاميا ۽ پيپلز پارٽي وارا من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي اسان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي زبان ناهي، تنهن ڪري اسان سان ايڏو ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close