
لاڙڪاڻي ۾ شهدادڪوٽ جي اسٽيشن روڊ واري علائقي جي رهواسي برسات متاثر معذور زال ۽ گهر ڀاتين سميت واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان پٽ تي ويهي احتجاج ڪيو. پورهيت شڪيل احمد شيخ گهرواري شڪيلان پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي دانهيو ته برساتن سبب گهر ڊهي پٽ ٿيو ۽ گهر جو سامان ٻڏي ويو ۽ نياڻي جي ڏاج لاءِ 20 هزار جو سامان به لڙهي ويو جنهن ڪري اسان جانيون بچائي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي ٻارن سميت رهائش اختيار ڪئي آهي جتي ٻين کي ٽينٽ ۽ وقت تي کاڌو ڏنو پيو وڃي پر اسان کي اڄ ڏينهن تائين ڪجهه به ناهي مليو، جنهن ڪري ٻارن سميت کليل آسمان هيٺان زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان. ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي شڪايتون ڪيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي انصاف ڪيو وڃي.