سنڌ

اچو ته ٻوڏ متاثرن خاطر سياست ڇڏي متحد ٿي وڃون: سراج دراني

سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري فاتحا پڙهي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا پڻ گهري. وقتي گورنر مزار تي رکيل مهمانن جي ڪتاب ۾ قائداعظم بابت تاثرات لکيا. آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قائداعظم هر حق کان محروم مسلمانن کي پنهنجي ولولي واري قيادت ذريعي آزادي ڏياري ۽ هڪ منتشر قوم جي ڪمان سنڀالي منجهن آزادي جو جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. هن انگريزن ۽ هندن جي اکين ۾ اکيون وجهي ٻڌايو ته مسلمان ڪنهن به ريت غلامي قبول نه ٿا ڪري سگهن، قوم جي ابي جو اسان تي احسان آهي، پاڪستان جون موجوده حالتون قائد جا رهنما اصول اختيار ڪرڻ جي تقاضا ڪن ٿيون. سنڌ ۾ آيل بابت اپيل ڪندي وقتي گورنر چيو ته اچو صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سياست ڇڏي هڪ ٿي وڃون ۽ سندن تڪڙي بحالي لاءِ ڪم ڪريون، ڇو ته سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي آهي، مون کي يقين آهي ته اسين ڏينهن رات محنت ڪري جلد انهن مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، سنڌ حڪومت ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ سڄي قوم پڻ ايڪي جو مظاهرو ڪري ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مدد ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button