پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس 68 هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد مير مرتصيٰ ڀٽو جو عزم، حوصلو، ثابت قدمي، جدوجهد ۽ ڪارڪن دوستي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو انتهائي بهادر ۽ ڪڏهن به هار نه مڃيندڙ جذبي سان سرشار مثالي اڳواڻ هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سڄي ڄمار پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيالن، پاڪستاني عوام جي دلين ۽ تاريخ ۾ هميشه زنده جاويد رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close