پاڪستان

عمران خان تاريخون نه ڏي،چونڊون اسان جي مرضي سان ٿينديون: فضل الرحمان

پي ڊي ايم ۽ جي يو آ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان کي اسان حڪومت مان لوڌي ڪڍيو، هاڻي واري اسان کي وقت ڏئي رهيو آهي، هو وقت ڏيڻ وارو ڪير ٿيندو آهي، نئين آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم شهباز شريف ڪندو ۽ نيون چونڊون به اسان جي مرضي سان ٿينديون. جمعيت علما اسلام جي صوبائي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو تعلق هڪ اهڙي فتني سان آهي، جنهن کي اسان لتاڙي ڇڏيو آهي، فتني جي حڪومت هاڻ ٻيهر نه ايندي، هنن اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو، عمران خان اڳي چوندو هو ته آرمي چيف کي برطرف ڪيو وڃي، هاڻي چوي ٿو آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي، عمران خان اهو به چوي ٿو ته جلد ڪو سڏ ڏيڻ وارو آهي ۽ حڪومت کي وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهي، عمران خان کان وقت گهريو ڪنهن آهي؟ اليڪشن اسان جي مرضي سان ٿيندي، تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڀلي پيو سڏ ڏئي، ان سان ڪجهه نه ٿيندو، هن پهريان ملڪ جي نوجوانن کي گمراهه ڪيو ۽ هاڻي پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستانين کي گمراهه ڪري رهيو آهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران جي چوري پڌري ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن عدالت سندس خلاف فيصلو ڏئي ٿي ته سندس نظر ۾ عدالت غلط آهي ۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن مان مخالف فيصلو اچي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي جانبدار قرار ڏئي ٿو، هاڻي اهو ڊرامو وڌيڪ نه هلندو، نئون آرمي چيف عمران خان نه پر وزيراعظم کي مقرر ڪرڻو آهي، توهان ڀلي اچو، حڪيم ثناءُ الله انتظار ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button