لاڙڪاڻي جي نشتر روڊ حيدري پاڙي جي رهواسڻ بيواهه ٻين عورتن سان گڏجي جڳھه تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. بيواهه گلشن خاتون ڪلهوڙو پنهنجي پيرسن ما الهرکي ڪلهوڙو سان گڏجي دانهيو چيو ته ڪجهه سال اڳ مڙس غلام رسول ڪلهوڙو بيماري وگهي فوت ٿيو جنهن مان پٽ علي رضا جي اولاد آهي، اسان ٻنهي زال مڙس پورهيو ڪري 70 هزار ۾ 900 فوٽ پلاٽ وٺي جڳھه تعمير ڪرائي. هن الزام لڳايو ته برسات دوران مان پورهيو ڪرڻ لاءِ ٻاهر ويس ته پويان ڏير احمد ڪلهوڙو جي پٽن گهر جا تالا ٽوڙي قبضو ڪري ڇڏيو. اهڙي دانهن حيدري ٿاڻي تي ڏني پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن سبب مان پنهنجي پٽ سان گڏ دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيان، ويتر ڏير جا پٽ جڳھه جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڄاڻايل قبضي خورن خلاف ڪاروائي ڪري مون بيواهه سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close