
تعليم کاتي ۾ 13 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏجي ڳچين ۾ سڪل ماني ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن عبدالحميد قريشي، علي ڏنو گاد، سبحان کوسو، امجد بليدي، آفتاب منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي نگراني ۾ ٽيسٽ ڏئي 60 کان 85 مارڪون کنيون پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ ڏئي 5 ڀيرا اميدوارن جي لسٽ ۾ تبديلي ڪري رشوت ۽ سفارش عيوض جعلي ڊگرين، فيل اميدوارن ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏيئي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان اهڙا ثبوت وزيرن، مشيرن سميت پ پ اڳواڻن کي پيش ڪندا رهيا آهيون پر اڄ تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هنن وڏي وزير، تعليم جي وزير کي اپيل ڪئي ته آفر آرڊر ڏيئي روزگار ڏنو وڃي.