سنڌ

دوداپور ويجهو ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر،واقعي خلاف احتجاج

دوداپور ويجهو هٿياربند ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦري ويا. ڦر واقعي خلاف ڳوٺاڻن ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. دوداپور ويجهو هيرڻ واهه وٽان نامعلوم هٿياربند صدرالدين لهر کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري ويا. اهڙي واقعي خلاف ڳوٺاڻن صدرالدين لهر، لعل بخش لهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد-ڳڙهي خيرو مين روڊ حسين آباد ۾ ٽائرن کي باهه ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٿاڻي جي چند قدمن تي ڦر ٿي آھي، هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڪلاشنڪوف کڻي بي خوف ٿي ماڻھن کي ڦرين ٿا پر پوليس ڏوهارين آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن، جنهن ڪري هاڻي رات ته ٺھيو ڏينهن جو به گهران نڪرڻ ۾ خوف محسوس ٿا ڪريون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button