سنڌ

دوداپور ويجهو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

دوداپور ويجهو ڏاهاڻي-بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻو قتل ڪري ڇڏيو. دوداپور ويجهو پنھون ڀٽي واري علائقي ۾ ڏاهاڻي- بنگلاڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو. برساتي پاڻي جا ڪٽ بند ڪرڻ دوران ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب احمد عرف اعجاز بنگلاڻي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو غلام علي بنگلاڻي زخمي ٿي پيو. اڌ ڪلاڪ تائين ڌرين جو هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ پيل رهيا. اطلاع تي حد ٿاڻو پنهون ڀٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پنج مهينا اڳ بهار خان ڏاهاڻي ۽ اعجاز بنگلاڻي ڌرين ۾ چوري جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ اڳ به ڌرين جو مختلف وقتن تي فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. هن وقت بنگلاڻي ڌر جا 4 ڄڻا قتل ۽ ٻه ڏاهاڻي ڌر جا پڻ زخمي ٿيلن ۾ شامل آهن. جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button