
شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊرٻ محلي ۾ زمين جي تڪرار تان ڀائيٽن جي فائرنگ ۾ 45 ورهين جو ٽيڪسي ڊرائيور عبدالرزاق مگسي، سندس ڌيءُ رقيه، ڀاءُ عبدالواحد مگسي ۽ سندس ڀاڄائي عائشه مگسي زخمي ٿي پيا، جن کي سندن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن ٽيڪسي ڊرائيور عبدالرزاق مگسي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته عبدالرزاق مگسي جو پنهنجي ڀائيٽن سان زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن معاملي تان زين، زوهيب، شاهزيب مگسي ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي عبدالرزاق مگسي کي قتل ڪرڻ سان گڏ سندس ڌيءُ، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.