سنڌ

وڳڻ واسي 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو

وڳڻ ويجهو ڳوٺ اصحابو واسي 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل 16 ورهين جو نوجوان عذير احمد پٽ مقصود تنيو شڪارپور جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو. نوجوان عُذير تنيو ٻڌايو ته کيس ڌاڙيلن اغوا ڪري رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ دريا ڀرسان ترسايو هو ۽ ڌاڙيلن وارثن کان 70 لک ۽ بعد ۾ چار لک ڀنگ طلب ڪيو. ڌاڙيلن مونکي ٻيڙي ذريعي پڪي رستي تي آندو، جتان موٽرسائيڪل تي رستم ويجهو پھچايو، جتي ڌاڙيلن ڀنگ عيوض مونکي وارثن حوالي ڪيو. نوجوان جي پيءُ مقصود تنيو ٻڌايو ته اسانجي نوجوان کي ڳوٺ ڪنڊو واسي علي جان چانڊيو ۽ سڪندر اغوا ڪري ويو ھُو، بازيابي لا لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ھُو جنھن بعد نوجوان کي اغوا ڪندڙن نوجوان سان رابطو ڪرايو ۽ ھُنن ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏھن ڀنگ جي رقم نه ڏيندا ته ھُو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا، جنھن بعد اسان ڪافي ڀيرا قمبر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور پوليس کي نوجوان جي بازيابي لا چيو پر پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لا ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. اسان 4 لک روپيا ڀنگ ڀري نوجوان کي بازياب ڪرايو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ آغا عيدن پٺاڻ ٻڌايو ته پوليس نوجوان کي اغوا ڪندڙ ڏوھارين علي جان چانڊيو ۽ ٻين خلاف مسلسل ڪارروايون جاري رکيون جنھن بعد ڏوھارين پوليس دٻا سبب نوجوان کي آزاد ڪيو آھي، وارثن ڪو ڀنگ ناھي ڀريو، جڏھن ته نوجوان جي پيءُ جي فرياد تي ڏوھاري علي جان چانڊيو ۽ سڪندر تنيو سميت ٽن ڄڻن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آھي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button