سنڌ

سکر ضلعي جي 34 اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثرن جون رليف ڪئمپون ختم، تدريسي عمل بحال

سکر ضلعي جي 34 اسڪولن ۾ قائم رليف ڪئمپن کي ختم ڪري تدريسي عمل بحال ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سکر شهر جي 34 سرڪاري اسڪولن ۾ 6 ھزار 432 متاثرن کي عارضي پناھه فراھم ڪرڻ لاءِ امدادي ڪيمپون قائم ٿيل ھيون. انھن اسڪولن ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ ترسائڻ بعد کين پنھنجي گھرن ڏانھن روانو ڪري ڄاڻايل اسڪولن ۾ تعليمي سلسلو شروع ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ نيو تعلقي سکر جي مختيارڪار انيس الرحمان ٻرڙو اي پي پي کي ٻڌايو آھي ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي سکر جا سمورا تعليمي ادارا متاثرن کان خالي ڪرايا ويا آهن جتي ٻارن جي تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. انهن اسڪولن ۾ 34 امدادي ڪيمپون قائم ٿيل ھيون. انهن سمورن متاثرن کي راشن جا ٿيلها، کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون ڏئي انهن جي گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button