سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ گذريل سومر جي رات دير سان شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلي ۾ مبينا ڦر دوران نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي پيرسن حاجن جوڻيجو کي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي پيرسن کي کڻاڻي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڪالهه پيرسن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ ته ٻڌايو ته نامعلوم موٽرسائيڪل هٿياربندن فائرنگ ڪري لاهوري محلي واسي پيرسن حاجن جوڻيجو کي گولي هڻي فرار ٿي ويا. واقعو ڦر جو لڳي رهيو آهي، تنهن ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button