سنڌ

لاڙڪاڻي جي ينگ ڊاڪٽرن عنايت عمراڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئشن پاران ايم ايس جي ميڙ کان لاتعلقي ڪندي ش ڀ اڳواڻ عنايت عمراڻي مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو خبر موجب مبينا تشدد جو شڪار ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو جي مدعيت ۾ سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس موجب 24 سيپٽمبر تي صبح جو هڪ مريض نالي پريسه عمراڻي کي سندس پيءُ محمد علي عمراڻي، چاچو شريف ۽ ٻين حادثن واري شعبي ۾ آندو، جن جو چوڻ هو ته نينگري کي نانگ ڪکيو آهي، مون نينگري کي جوڳو علاج ڏيندي وارثن کي چيو ته مريض مٿان رش نه ڪيو ته جيئن کيس هوا لڳي ۽ سندس علاج بهتر نموني ٿي سگهي. تنهن تي نينگري جي وارثن اسان سان ڏند چڪ ڏيندي دڙڪا ۽ داٻا ڏنا. صبح جو ساڍي ڇهين وڳي ٻيهر عنايت عمراڻي، محمد علي عمراڻي ۽ چاچو محمد شريف عمراڻي ۽ اٽڪل 20 کان 25 ڄڻا هٿن ۾ لٺيون ۽ لوهي سيخن سميت حملو ۽ ڀڄ ڊاهه شروع ڪري ڏني. عنايت عمراڻي منهنجي مٿان لوهي شيخ سان حملو ڪيو جيڪو منهنجي اک هيٺان لڳو ۽ رت وهڻ لڳي.مان ۽ مون سان گڏ ڊاڪٽر امجد ۽ ڊسپينسر نديم مگسي ۽ ٻيو عملو جان بچائي نڪري ايم ايس آفيس پهتاسين. وري ساڍي يارهين وڳي 100 جي لڳ ڀڳ حملي آورن ايس ايس آفيس پهچي لوهي گيٽ ڀڃي پٽي اڇلائي ڇڏي ۽ آفيس ۾ ڀڄ ڊاهه ڪندي آفيس جو فرنيچر، ايئرڪنڊيشنڊ، سي سي ٽي وي ڪئمرائن سميت ٻئي سامان کي ڀڃي ڀوري وڌو. حملي وقت ماحول اشتعال وارو ٿي ويو. جنهن بعد اسان اتان جان بچائي ٿاڻي پهتاسين. پوليس اهڙي ڪيس جنهن ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا قلم لڳائي داخل ڪري ڇڏي. جڏهن ته ينگ ڊاڪٽرز اڳواڻ ڊاڪٽر فهيم خشڪ ٻڌايو ته اسان جو ايم ايس پاران عنايت عمراڻي ڏانهن موڪليل ميڙ منٿ سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي خاطري ڪرائي ته ڪيس داخل ڪري 24 ڪلاڪن اندر رزلٽ ڏينداسين، جنهن بعد اسان بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اسان او پي ڊي سميت وارڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين. ٻئي طرف ڊکڻ ويجهو ڳوٺ مور خان عمراڻي ۾ عنايت عمراڻي وٽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس گلزار تنيو طرفان اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر محبوب شاھ، مشتاق ابڙو، مختيار ڪماريو ۽ منظر ڪماريو جي اڳواڻي ۾ ميڙ پهتي، عنايت عمراڻي چيو ته ڪجهھ ڏينهن جي مهلت ڏيو ڀائرن سان مشورو ڪري ورندي ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button